اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري جم??ور?? ادارن کي مض??وط بڻائڻ، ضروري سڌارا آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ جم??ور??ت کي مستحڪم ڪرڻ ??اءِ اجتماعي طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن جم??ور??ت کي هڪ منصفاڻي ۽ جامع معاشري جو بنياد قرار ڏيندي چيو ته قوم کي درپيش موجوده چئلينجن جو حل هڪ مض??وط ۽ متحرڪ جم??ور?? عمل ۾ لڪيل آهي. اهڙو اظهار هن جم??ور??ت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هلندڙ سال جي جم??ور??ت جي عالمي ڏينهن جو عنوان ”مصنوعي ذهانت جي مدد سان بهتر طرز حڪمراني کي هٿي ڏيڻ آهي“.پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت مصنوعي ذهانت جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته مصنوعي ذهانت شفافيت، احتساب ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هي ڊيٽا تي ٻڌل معلومات فراهم ڪري ووٽر جي جم??ور?? عمل تائين پهچ بهتر بڻائي ٿي. صدر مملڪت پارليامينٽ جي ڪردار کي جم??ور??ت جي تحفظ، عوامي مسئلن جي حل ۽ جامع پاليسين جي جوڙجڪ ۾ اهم حيثيت قرار ڏنو. هن چيو ته اسان جو مستقبل جم??ور?? ادارن کي مض??وط ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي اجتماعي ڪوششن تي ٻڌل آهي ته جم??ور??ت ايندڙ نسلن لاءِ وڌندي ويجهندي رهي. هن چيو ته بنيادي حقن جي تحفظ ۽ سمورن شهرين جي سياسي، معاشي ۽ سماجي شموليت جم??ور??ت جو اساس آهي. صدر مملڪت، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هنن پاڪستان ۾ جم??ور??ت جي بحالي ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن جي ميراث جم??ور?? قدرن جي بقاءَ جي جدوجهد جي هڪ مسلسل يادگيري ڏيارين ٿيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته جم??ور??ت ذريعي پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي انصاف، برابري، قانون جي حڪمراني ۽ اظهار راءِ جي آزادي يقيني بڻائي سگهي ٿو.