اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ 100 بسترن تي ٻڌل جديد اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏ??و آهي، جنهن کي نيشنل پوليس ??ائونڊيشن ۽ ترڪيه جي نجي ڪ??پن?? جي سهڪار سان تعمير ڪئي ويندي، هن اسپتال جي تڪميل سان پوليس جي جوانن، انهن جي ڪٽنبن ۽ عام شهرين کي صحت جون جديد سهولتون ملنديون. پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته انٽرنيشنل اسپتال جو هي منصوبو نيشنل پوليس ??ائونڊيشن لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن نيشنل پوليس ??ائونڊيشن جي نون منصوبن جي واکاڻ ڪندي چيو ته صابر احمد جي آمد نيشنل پوليس ??ائونڊيشن کي ٻيهر متحرڪ بڻائي ڇڏ??و آهي، ان جي سموري آمدني شهيدن ۽ پوليس جي ويلفيئر تي لڳائي پئي وڃي. گهرو وزير چيو ته شهيد ۽ پوليس جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪيو پ??و وڃي ۽ هي اسپتال ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، نيشنل پوليس ??ائونڊيشن ۽ سي ڊي اي جي گڏيل سهڪار سان نئين منصوبي تي ڪم ٿي ره??و آهي ۽ هي منصوبو صرف اسلام آباد تائين محدود نه هوندو پر صوبن ۾ به شهيدن ۽ پوليس جي جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيو پ??و وڃي. هن ٻڌايو ته نيشنل پوليس ??ائونڊيشن ويجهڙ ۾ حيدرآباد ۾ شهيدن ۽ جوانن لاءِ هڪ منصوبو مڪمل ڪ??و آهي. ان اسپتال جي تعمير لاءِ نيشنل پوليس ??ائونڊيشن زمين فراهم ڪئي آهي جڏهن ته اسپتال جي تعمير مڪمل طور ترڪيه جي هڪ ڪ??پن?? ڪري رهي آهي جنهن جي لاڳت 5 ??رب روپيا آهي. گهرو وزير ان موقعي تي ان ڳالهه جو به اعلان ڪيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن پوليس جي جوانن کي وڌيڪ بهتر تربيت فراهم ڪري سگهجي.