اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو آهي ته ??سم??لنگ جي ناسور جي ملڪ مان مڪمل خاتمي جي لاءِ سمورا ادارا پنهنجون ڪوششون تيز ??ن، ??سم??لنگ ۾ ملوث ماڻهن کي پاڪستان جي معيشت ک?? نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ??سم??لنگ کي روڪڻ جي حوالي سان جائزه اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، سيد محسن نقوي، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم ??سم??لنگ جي خلاف قدمن کي وڌيڪ موثر ۽ تيز ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ??سم??لنگ ۾ ملوث ماڻهن کي قطعي طور تي پاڪستاني معيشت ک?? نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. ??سم??لنگ کي روڪڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻايو وڃي. ??سم??لنگ ۾ ملوث عنصرن ۽ ان جي سهولتڪارن سان گڏوگڏ ٽرانسپورٽرز جي ??سم??لنگ ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏين کي ضبط ڪري انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اها خوشي جوڳي ڳالهه آهي ته لاڳاپيل ادارن جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ??سم??لنگ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ايف بي آر، گهرو وزارت ۽ ٻيا ادارا پاڻ ۾ تعاون وڌيڪ بهتر ڪن. هن چيو ته سرحدي علائقن ۾ ماڻهن کي روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪئي وڃي. ??سم??لنگ جي ناسور جي ملڪ مان مڪمل خاتمي لاءِ سمورا ادارا پنهنجون ڪوششون تيز ??ن. اجلاس کي ??سم??لنگ کي روڪڻ ۽ ان جي هيستائين جي نتيجن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گهرو وزارت جي نگراني ۾ ??سم??لنگ کي روڪڻ جي لاءِ ملڪ گير مهم جاري آهي. پيٽروليم مصنوعات، سگريٽ، موبائيل فون، سون، چانهه، ڪپڙا، ضروري شين، ٽائر ۽ گاڏين جي پرزن جي ??سم??لنگ جي خلاف موثر قدم کنيا پيا وڃن. ??سم??لنگ کي روڪڻ جي دائري ۾ ضروري شين سان گڏوگڏ ٻين شين کي به شامل ڪيو ويو آهي. يوريا ۽ کنڊ جي ??سم??لنگ کي روڪڻ جي لاءِ ويب پورٽل جاري ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت موجب 54 گڏيل چيڪ پوسٽن جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. نان ڪسٽمز گاڏين جي نشاندهي ۽ انهن جي ميپنگ جي لاءِ نظام جاري ڪرڻ جي آخري مرحلي ۾ آهي. پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ قانونسازي جو مسودو حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس ۾ ??سم??لنگ کي روڪڻ جي مهم جي هيستائين جي ڪارروائي جي ڪارڪردگي تي رپورٽ به پيش ڪئي وئي. افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ شامل 212 اهڙيون شيون جن جي ??سم??لنگ جو خطرو هو، جي نشاندهي ڪري ان تي پابندي هنئي وئي آهي. افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ انشورنس گارنٽي بدران بئنڪ گارنٽي لازمي قرار ڏني وئي آهي. ضروري شين جي ??سم??لنگ ۾ خاطرخواهه گهٽتائي سان گڏوگڏ پيٽروليم مصنوعات جي ??سم??لنگ ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي، کنڊ جي ??سم??لنگ ۾ 80 سيڪڙو سان گڏوگڏ ٻين روزاني جي استعمال جي شين جي ??سم??لنگ ۾ پڻ واضح گهٽتائي ٿي. مالي سال 24 – 2023ع دوران ??سم??لنگ جون ڪوششون ناڪام بڻائي ضبط ٿيندڙ شين جي ماليت 106 ارب رپيا آهي. ??سم??لنگ کي روڪڻ جي مهم سان ملڪ ۾ ذخيره اندوزي جي رجحان ۾ گهٽتائي آئي. ??سم??لنگ ۾ ملي ڀڳت ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جي حوالي سان پڻ اجلاس کي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ??سم??لنگ ۾ ملوث عنصرن، ٽرانسپورٽرز ۽ انهن جي سهولتڪارن جي نشاندهي جو عمل تيزي سان جاري آهي. ان حوالي سان نادرا، ايڪسائيز ۽ ٻين ادارن جي ڊيٽا بيس مان به مدد ورتي پئي وڃي.