اسلام آباد -08 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پروٽيڪٽيڊ صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ سڀني ڊسڪوز جي ڊيٽا طلب ڪئي آهي. گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ گهرو وزارت ?? اجلاس م??عقد ٿيو. محسن نقوي پروٽيڪٽڊ صارفين کي نان پروٽيڪٽڊ ڪيٽگري ۾ شامل ڪرڻ تي ڳڻتي جو ??ظهار ڪندي ايف آءِ اي جي سمورن ڊائريڪٽرز کي ڊسڪوز جي ڊيٽا کي چيڪ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن 3 ڏينهن ۾ ايف آءِ اي ڊائريڪٽرز کي سموريون شاهديون گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. گهرو وزير چيو ته سڀني شاهدين جي جامع رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي، پروٽيڪٽيڊ صارفين سان ناانصافي جو ??زالو ڪرڻ ضروري آهي. محسن قوي ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي ن??رٿ کي پشاور، لاهور، گوجرانوالا ۽ فيصل آباد پاڻ وڃي صورتحال جو ??ائزو وٺڻ ۽ ڊيٽا جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شاهدين جو ??ائزو وٺي ذميدارن جو ??عين ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اوور بلنگ جي معاملي جو ??ائزو ورتو ويو. ايف آءِ اي اختيارين اوور بلنگ تي بريفنگ ڏني. گهرو وفاقي سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي ن??رٿ ۽ لاڳاپيل اختيارن اجلا?? ۾ ??رڪت ڪئي. ايف آءِ اي جا سمورا ڊائريڪٽرز ويڊيو لنڪ ذريعي اجلا?? ۾ ??ريڪ ٿيا.