دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي زور ڏنو آهي ته ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري سان گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي موقعن جا نوان رستا کلندا. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ وڌيڪ انساني زندگين جي زيان کي روڪڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪ??و. ??زيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف جمهوريه تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. سرڪاري آجياڻي واري تقريب قصر ملت ۾ منعقد ٿي. قصر ملت پهچڻ تي تاجڪستان جي صدر وزيراعظم جو استقبال ڪيو ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. آجياڻي واري تقريب کانپوءِ نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڳالهه ٻولهه دو??ان ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي وسيع تر معاملن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪي گڏيل تاريخ، ثقافت، جاگرافيائي مناسبت ۽ گڏيل عقيدي تي ٻڌل آهن. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن بشمول واپار ۽ معيشت، سيڙپڪاري، رابطن، ثقافت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، دفاع، انساني امداد، پارلياماني مٽاسٽا ۽ عوام جي سطح تي رابطن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
هن موجوده ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان تاجڪستان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪ??و. ??نهي اڳواڻن اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون
جيڪو ٻطرفن لاڳاپن کي ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ حصيداري جي سطح تي وٺي ويندو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻطرفن لاڳاپن ۾ بهتري سان گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي موقعن جا نوان رستا کلندا. ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ جامع بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين هوابازي، سفارتڪاري، تعليم، راندين، عوام سان عوام جي رابطن، صنعتي تعاون، سياحت وغيره جي شعبن ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.
وزيراعظم تاجڪستان جي صدر کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال ۽ آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڀارتي حڪومت جي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪ??و. ??نهي اڳواڻن غزه ۾ جاري صورتحال تي پڻ پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو جتي اسرائيلي ظلمن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت هزارين بيگناهه ??لس??ينين جون جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ٻنهي اڳواڻن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها تشدد جي خاتمي ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي ٻيڻو ڪري.
وزيراعظم مح??د شهباز شريف تاجڪستان جي صدر جي دعوت تي تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دو??ي تي آهي. اهو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ گهڻ رخي لاڳاپن کي اڳئين سطح تي وٺي وڃڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. ان کان اڳ دو??نبي جي عالمي هوائي اڏي تي پهچڻ تي تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪ??و. ??زيراعظم مح??د شهباز شريف جي تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دو??ي دو??ان ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني اهي. وزيراعظم تاجڪستان جي گادي واري شهر دو??نبي ۾ قصر ملت کانسواءِ اسماعيل ساماني جي يادگار ۽ قصر نوروز جو دو??و پڻ ڪيو.