اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطيني سفير کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان ??ر عالمي فورم تي فلسطيني عوام سان ??ڪجهتي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو، پاڪستان غزه جي عوام جي لاءِ امدادي سامان جون 7 قسطون موڪليون آهن جڏهن ته وڌيڪ هڪ عيد کانپوءِ موڪلي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??اڪستان ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد اي اي ربي ملاقات ڪئي. ان ??وقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ پرڏيهي وزير پڻ موج??د هئا. وزيراعظم فلسطين جي صدر ڊاڪٽر محمود عباس پاران سندس ٻيو ڀيرو وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد واري پيغام تي سندس ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان جا فلسطين سان تاريخي ۽ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان تسلسل سان ??لسطين مسئلي جي گڏيل قومن، او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمن تي حمايت جاري رک?? آهي. وزيراعظم 7 آڪٽوبر 2023ع کان غزه ۾ تسلسل سان جاري تازي اسرائيلي ڏاڍ جي مذمت ڪندي ??يو ته بهادر ۽ معصوم فلسطينين تي اهو اسرائيلي ڏاڍ فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. هن 17 هزار ٻارن سميت 32 هزار فلسطينين جي بي رحماڻي موت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيلي فورسز جي ظالماڻي ڪاررواين سان 70 هزار زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڏکڻ آفريقا پاران ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ان ??ورم تي فلسطين جي حمايت ۾ پاڪستان ??اران ڏنل بيان جو حوالو ڏنو. گڏيل قومن پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ??نظور ڪيل جنگبندي جي قرارداد جي آجيان ڪندي اسرائيل پاران ان ??رارداد کي نظرانداز ڪرڻ جي اسرائيلي رويي تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪندي ??يو ته ان ??رارداد جي باوجود اسرائيلي ڏاڍ جاري اهي. هن فلسطيني سفير کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان ??ر عالمي فورم تي فلسطيني عوام سان ??ڪجهتي جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. پاڪستان غزه جي عوام جي لاءِ امدادي سامان جون 7 قسطون موڪليون آهن جڏهن ته وڌيڪ هڪ عيد کانپوءِ موڪلي ويندي. فلسطيني سفير وزيراعظم ۽ پاڪستان جي عوام پاران ??لسطين جي عوام جي مدد تي ٿورا مڃيندي ??يو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ان سان ??لسطينين جو حوصلو بلند ٿيو آهي.