اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارا??حق ڪاڪڙ مختلف ادارن جي نئين سر ??وڙجڪ، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت فراهم ڪرڻ جي حوال?? سان نگران حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان چونڊيل حڪومت جي لاءِ هڪ اهڙي حڪمت عملي ڏئي وڃي رهيا آهيون جيڪا يقيني طور تي عوام ۽ قومي مفاد جي لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي جڏهن ته ڪابينا چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ تعاون جي حوال?? سان سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ترڪيه حڪومت پاران ”ٽرڪش آرمڊ فورسز ليجئن آف ميرٽ“ ايوارڊ وصول ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران و??ير??عظم انوارا??حق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ان موقعي تي نگران و??ير??عظم نگران حڪومت جي مختصر عرصي دوران پنهنجي ڪابينا ۽ سول سرونٽس جي اڻٿڪ ڪوششن ک?? ساراهيندي انهن جا ٿورا مڃيا. نگران و??ير??عظم چيو ته اسان ملڪي معيشت کي اڳ کان بهتر حالت ۾ ڇڏي وڃي رهيا آهيون، نگران حڪومت جي مختصر وقت ۾ ڪابينا بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري. هن چيو ته اسان چونڊيل حڪومت جي لاءِ هڪ اهڙي حڪمت عملي ڏئي وڃي رهيا آهيون جيڪا يقيني طور تي عوام ۽ قومي مفاد جي لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي. نگران و??ير??عظم چيو ته نگران حڪومت جي سمورن فيصلن ۽ پاليس?? سازي ۾ ملڪي مفاد کي سدائين اولين ترجيح ڏني وئي. هن چيو ته اسان کي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. وفاقي ڪابينا مختلف ادارن جي نئين سر ??نظيم سازي، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت فراهم ڪرڻ جي حوال?? سان نگران حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪابينا سيڪريٽري وفاقي بيوروڪريسي پاران نگران و??ير??عظم مدبراڻي قيادت ک?? ساراهيندي چيو ته ملڪ کي درپيش ا??م چئلينجز ۾ توهان پاران ملڪي مفاد ۾ اهم مشڪل فيصلا ڪيا ويا جن جا ڏورس نتيجا نڪرندا. وفاقي ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي لبنيٰ فاروق ملڪ کي ڊيپوٽيشن تي فنانشل مانيٽرنگ يونٽ (ايف ايم يو) جي ڊائريڪٽر جنرل طور مدي ۾ 9 جون 2023ع کان 8 جون 2024ع تائين واڌ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سفارش تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ تعاون جي حوال?? سان سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ترڪيه حڪومت پاران ”ٽرڪش ارمڊ فورسز ليجئن آف ميرٽ“ ايوارڊ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سفارش تي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، پاڪستان جي حڪومت ۽ خليفه انٽرنيشنل ايوارڊ فار ڊيٽ پام اينڊ ايگريڪلچر انوويشن، گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان مفاهمتي ياداشت تحت پهريون پاڪستان انٽرنيشنل ڊيٽ پام فيسٽيول سيپٽمبر 2024ع ۾ منعقد ڪيو ويندو، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ کجور جي پيداوار جو فروغ آهي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 13 ۽ 14 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا حڪومتي ملڪيتي اداراجات بابت ڪابينا ڪميٽي جي 16 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن ۽ ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 16 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.