اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني کي ٽيليفون ڪئي ۽ ايران جي قي??دت ۽ عوام پاران نگران حڪومت کي پاڪستان جي 2024ع جي پارلياماني چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي مبا??ڪب??د ڏني. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي ڀائر عوام پاران نيڪ خواهشن کي ساراهيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي حڪومتن سان گڏوگڏ عوام جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجا??ر ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ايراني پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرڪاري م??رو??يتون مڪمل طور تي بحال آهن.