اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ گهرو تعلق دنيا لاءِ مثال آهي، پاڪستان ۽ چين جي دوستي جون پاڙون عوام جي دلين ۾ آهن جن جو بنياد امن ۽ تعاون سان گڏوگڏ ٻطرفي گڏيل لاڳاپن تي ٻڌل آهي. چين جي سرڪاري ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن پاڪستاني عوام ۽ حڪومت طرفان نئين چيني سال تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آ??ي ته ٻنهي ملڪن سمورن اهم معاملن تي هڪٻئي جي مفادن جو احترام ڪندي ا?? جي تحفظ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. مسلسل بدلجندڙ دنيا ۾ چين پاڪ لاڳاپا مستحڪم آهن، امن ۽ تعاون جو جذبو ٻطرفي مضبوط لاڳاپن کي ظاهر ڪري ٿو، ٻئي ملڪ هڪٻئي جي ڪوششن جي حمايت ڪن ٿا. هن چي?? ته آءِ ٽي، زراعت، گ??ڏي?? جي تياري سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌايو پيو وڃي. چين هٿرادو ذهانت سميت ٻين شعبن ۾ سڀني کان اڳيان آهي. هن چي?? ته اسان بحران جي وقت هڪٻئي سان گڏ بيٺل هوندا آهيون، دنيا جي مختلف علائقن ۾ تڪرار موجود آهن ۽ ڪيترائي ا??لهه جا ملڪ اڀرندڙ معيشتن جي ترقي کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن. هن چي?? ته نئون ورلڊ آرڊر پوري دنيا لاءِ لاڀائتو هجڻ گهرجي جتي سمورن ماڻهن کي ترقي ۽ واپار جاري رکڻ جي اجازت هجي. عالمي سرحدن صرف فاتح حڪمراني جي بنياد تي نه پر حقيقتن جي بنياد تي هجڻ گهرجن. صدر مملڪت چي?? ته پاڪستان ۽ چين امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهن، بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو (بي آر آئي) عوامي ترقي جو منصوبو آ??ي جنهن سان هڪ مستحڪم ۽ صحتمند معيشت ميسر ايندي. هي منصوبو دنيا لاءِ تعاون ۽ گڏيل ترقي جو منصوبو آ??ي جتي شين ۽ عوام جي چرپر آسان هوندي، انهن قدمن سان عالمي واپار ۽ پائيدار ترقي ۾ مدد ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته سي پيڪ جي مدد سان پاڪستان ۾ انفرااسٽرڪچر، انساني وسيلا، توانائي ۽ صنعتي شعبي جي بهتري ۾ مدد ملندي آهي. هن چي?? ته سي پيڪ هڪ اعليٰ معيار جي ترقي جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آ??ي جتي ا??فارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ گ??ڏي?? جي تياري جي شعبي ۾ تعاون وڌايو پيو وڃي، هن چي?? ته چين جي زراعت جي في يونٽ پيداوار دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ آهي، اسان جي چين سان زرعي تعاون جا شاندار نتيجا سامهون ايندا.هن چي?? ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ سپر ڪمپيوٽر سميت ٻين شعبن ۾ چين تمام اڳيان آهي ۽ پاڪستان ان جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو. هن چي?? ته هو پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت طرفان چيني عوام ۽ حڪومت کي نئين چيني سال تي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو.