اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان جو عزم آهي ته ملڪ ۾ هر ٻار پوليو کان محفوظ هجي، پاڪستان حڪومت روٽري انٽرنيشنل جي پروگرامز ۾ هر ممڪن تعاو?? فراهم ڪندي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ سان روٽري انٽرنيشنل جي صدر اسٽيفيني ارچڪ جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ ٿومس اينٿوني گمپ، محمد فيض قدوائي، عبدالعزيز ميمڻ ۽ مسرور شيخ شامل هئا. وفد نگران وزيرا??ظم کي پاڪستان سمارٽ وليج پروگرام ۽ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان روٽري انٽرنيشنل جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. نگران وزيرا??ظم اسٽيفيني ارچڪ کي روٽري انٽرنيشنل جي پهرين عورت صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيرا??ظم روٽري انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي، تعليم ۽ ٻين شعبن جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ عالمي برادري ۽ ترقياتي ادارن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، اسان جو عزم آهي ته ملڪ ۾ هر ٻار پوليو کان محفوظ هجي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت روٽري انٽرنيشنل جي پروگرامز ۾ هر ممڪن تعاو?? فراهم ڪندي، اميد آهي ته روٽري انٽرنيشنل پاڪستان ۾ پنهنجي پروگرامز جي پهچ ۾ اضافو ڪندي. وفد نگران وزيرا??ظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته روٽري پاڪستان سمارٽ وليج پروگرام جدت ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي زندگي جي معيار کي ب??تر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو، غريب ترين طبقي جي لاءِ شروع ڪيل اهي سمارٽ ويليج زراعت کي فروغ ڏيڻ، قابل تجديد توانائي جي نظام مان فائدو کڻڻ، پاڻي جي نيڪالي جي انتظام کي ب??تر بڻائڻ، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. نگران وزيرا??ظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روٽري انٽرنيشنل پاڪستان ۾ 8 لک ڪتاب عطيو ڪري چڪو آهي جنهن مان 2 لک ڪتاب رڳو بلوچستان صوبي ۾ ورهايا ويا آهن. وفد نگران وزيرا??ظم کي 10 هزار وڌيڪ ڪتابن جو تحفو پيش ڪيو جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ورهايا ويندا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ روٽري انٽرنيشنل جون موبائيل لائبريريز ڪتاب پڙهڻ جي فروغ ۽ خواندگي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ملاقات ۾ قومي صحت وارو نگران و??اقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.