اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ??ي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ عوام 8 فيبروري تي پنهنجي نمائندن کي چونڊڻ جي لاءِ پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندي. نگران وفاقي گهرو وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪ??دي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته گذريل سال 17 آگسٽ 2023ع تي نگران ڪابينا جو حلف کڻڻ کانپوءِ اڳئين ڏينهن پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪميشن واحد آئيني ادارو آهي جنهن کي آزاداڻيون، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻيون آهن ۽ نگران ??ڪومت چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪندي. هن چيو ته نگران ??ڪومت جي 5 مهينن جي عرصي دوران چونڊن جي حوالي سان ڪيتريون ئي قياس آرائيون ٿينديُون ??هي??ن پر انهن سمورين قياس آرائين جي باوجود 8 فيبروري تي چونڊون پنهنجي شيڊيول موجب ٿي ??هي??ن آهن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊون پرامن ٿينديون ۽ ان ??ي لاءِ سمورا انتظام ڪيا پيا وڃن، چونڊن دوران مقامي ۽ عالمي صحافين ۽ غيرملڪي مبصرن جي سهولت لاءِ گذريل ڏينهن اطلاعات واري وزارت هڪ آن لائين ميڊيا هيلپ لائين پڻ شروع ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ??ي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان ??ا چونڊيل نمائندا هلائيندا ۽ انشاءَ الله 8 فيبروري تي پاڪستان ??ي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ عوام پنهنجي نمائندن کي چونڊيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ سيڪ??ور??ي صورتحال خراب هئي، 2008ع ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ چونڊن ۾ هڪ مهيني جي دير ٿي. هن چيو ته پاڪستان ??ي عوام دهشتگردي جي خلاف ڊگهي عرصي کان وڙهي رهي آهي ۽ انهن جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا، ڪجهه واقعا پاڪستاني عوام کي روڪي نه ٿا سگهن، انشاءَ الله عوام 8 فيبروري تي پنهنجي نمائندن کي چونڊڻ جي لاءِ ٻاهر نڪر??دي ۽ پنهنجي ووٽ جو حق ضرور استعمال ڪندي.