اس??ام آباد- 24 جنوري (اي پي پي) نگران وفاقي ??زير ڊاڪٽر گوهر اعجاز گهرو وزير جي عهدي جو چارج سنڀالي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ نگران وفاقي ??زير ڊاڪٽر گوهر اعجاز کي گهرو وزارت جو قلمدان ڏنو جنهن بعد ڪابنيه ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نگران گهرو وزير، گهرو وزارت پهچي پنهنجي عهدي جو چارج سنڀالي ورتو. گهرو وزارت آمد تي سينيئر عملدارن وفاقي ??زير جو استقبال ڪيو. نگران گهرو وزير وزارت جي سينئر آفيسرن سان تعارفي ملاقات ڪئي. گهرو وزير کي گهرو وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڊاڪٽر گوهر اعجاز پاڪستان جو 48 هون وفاقي گهرو وزير آهي.