لاهور – 24 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ٿي??سيميا جي مرض جي روڪٿام جي لاءِ شاندار خدمتن تي منو ڀائي (مرحوم) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته منو ڀائي پنهنجي پوري زندگي ٿي??سيما جي مريضن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، سُندس فائونديشن جو بنياد رکي منو ڀائي هڪ مثال قائم ڪيو، ٿي??سيميا جي روڪٿام جي لاءِ قانونن کي بهتر بڻائ??و پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سُندس فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ منو ڀائي جي ڇهين ورسيءَ جي تقريب کي خط??ب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سُندس فائونڊيشن خالد عباس ڊار، صدر ياسين خان، سهيل وڙائچ، حفيظ الله خان نيازي، مجيب الرحمان شامي، صغريٰ صدف ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته منو ڀائي جو پي ٽي وي تي هلندڙ حالات حاضره جو پروگرام عوام ۾ انتهائي مقبول ٿي??، ان پروگرام ۾ منو ڀائي بطور تجزيه نگار خدمتون سران??ام ڏنيون، عوام اڃا تائين سندس ان پروگرام کي ياد ڪري ٿي. هن چيو ته منو ڀائي هڪ سٺو ۽ مخلص انسان هو، هن پنهنجي زندگي کي ٿي??سيميا جي ٻارن جي علاج جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، سُندس فائونڊيشن ۾ ٿي??سيميا جي ٻارن جي علاج جي لاءِ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سُندس فائونڊيشن ۾ علاج هيٺ مريض منو ڀائي جي مغفرت جو سبب بڻجندا. نگران وفاقي وزير چيو ته ٿي??سيميا جي روڪٿام جي لاءِ احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪر??و پوندو. ان حوالي سان قانونن کي بهتر ۽ انهن تي عملدرآمد ڪر??و پوندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان اڄ منو ڀائي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ اهو وچن ڪرڻ جي لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون ته منو ڀائي انساني خدمت جو جيڪو جهنڊو پنهنجي هٿن ۾ کنيو هو ان کي پڪڙي رکڻو آهي. هن چيو ته منو ڀائي ڪالم نگاري سان گڏوگڏ شاعري پڻ ڪندو هو، سندس مادري زبان پنجابي ۾ شاعري لازوال هئي، هو ڪنهن به شيءَ جي پاڻ ئي ٿيڻ تي يقين نه رکندو هو جيڪو هن چيو هو ته “هونئين جانداڪر ناپيندا اي، سکان دي خاطر جلندا پيندا اي، حق دي خاطر لڙنا پيندا اي، جيون دي خاطر مرنا پيندا اي”. تقريب ۾ شريڪ ٻين خط??ب ڪندڙن منو ڀائي کي ڀرپور انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. تقريب جي آخر ۾ پير ضياءَ الحق نقشبندي مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. بعد ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير سُندس فائونڊيشن جي ليب جو دورو ڪيو ۽ ٿي??سيميا جي مرض ۾ مبتلا ٻارن ۾ تحفا ورهايا.