ڪو??ت ?? 29 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، آءِ ٽي، معدنيات، سيرپڪاري سميت مضبوط اقتصا??ي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ولي عهد شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگ??ان وزيراعظم ڪويت سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگ??ان وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي فورزم تي و??جهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن صحت، سيڪيورٽي، انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ڀرتي تي ڪويت جي قدمن کي ساراهيو. ڪويت جي و??ي عهد پاڪستان سان ٻط??فن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. نگ??ان وزيراعظم ڪويت جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي جنهن جو بنيادي مقصد ڇهن ڏهاڪن کان ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي اقتصادي لاڳاپن ۾ بدلائڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون پيون وڃن.