ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ??ا??ِ پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي ??ا??ِ پرعزم آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرم??ن بل گيٽس ٽيليفون ڪئي جنهن ۾ پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي ??اءِ جاري ڪ??شش?? ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم هن وقت گڏيل عرب امارات جي سرڪاري دوري تي آهي. ٽيليفون ڪال دوران نگران وزيراعظم ۽ بل گيٽس نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي ??وقعي تي ٿيل پنهنجي ??لاقات جو ذڪر ڪيو. نگران وزيراعظم پاڪستان کي پوليو کان محفوظ ملڪ بڻائڻ جي حڪومت جي ڪ??شش?? ۾ گيٽس فائونڊيشن جي تعاون کي ساراهيو. هن ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ??ا??ِ پاڪستان جي ??ختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان سلسلي ۾ نگران وزيراعظم بل گيٽس کي سڄي پاڪستان ۾ جاري پوليو ويڪسينيشن مهم بابت آگاهه ڪيو. وڌيڪ اهو ته غذائي کوٽ جي ??سئلن ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي ??وضوعن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم حڪومت ۽ بي ايم جي ايف جي ??چ ۾ بهترين تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي ??ا??ِ پرعزم آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بي ايم جي ايف جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.