اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي ڇاتيءَ جي ڪينسر، دماغي صحت ۽ تندرستي ??اب?? شعور بيدار ڪرڻ سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو حصو بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حقن جي حمايت جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هو روٽري ڪلب جي اهتمام هيٺ بريسٽ ڪينسر ??اب?? آگاهي سيمينار کي خطاب ڪري رهي هُئي. هن چيو ته انهن موضوعن تي سڄو سال کلي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، ڀلي اهو ڇاتيءَ جو ڪينسر هجي، خصوصي ماڻهن جا حق هجن يا دماغي صحت جو معاملو هجي، ??ن سلسلي ۾ اسان کي نه رڳو حڪومت پر پوري معاشري جي حمايت جي ضرورت پوندي. خاتون اول چيو ته ??ور??ن جو هر مهيني 5 منٽ جو پاڻ معائنو ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شروعاتي مرحلي ۾ پتو لڳائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو، اهڙي طرح ملڪ ۾ هزارين ??ور??ن جون حياتيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري 44000 موت هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي جنهن جي لاءِ بيماري جي جلد تشخيص ??اب?? مسلسل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. بيگم ثمينه علوي ذڪر ڪيو ته دنيا ۾ مجموعي طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر مان صحتياب ٿيڻ جي شرح 98 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪينسر جو پتو لڳائڻ جي لاءِ ميموگرافڪ جي ??اڪ??في سهولتن جي ڪري موت جي شرح تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته هر عمر جون ??ور??ون بشمول 14 – 12 سالن جي ننڍي عمر جي ڇوڪرين ۾ پڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي تشخيص ٿي رهي اهي. هن ??ور??ن ۽ ڇوڪرين تي زور ڏنو ته اهي پاڻ جانچ جي 5 منٽ جي معمولي کي سکن ۽ پنهنجي علائقي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ٻين ??ور??ن جي وچ ۾ ان ڳالهه کي ڦهلائين. هن سمورن شرڪت ڪندڙن کان ذهني صحت جي اهميت ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن جي لاءِ پيغام ڦهلائڻ جو وچ?? پڻ ورتو. هن چيو ته دماغي صحت جي حوالي سان هڪ موبائيل ايپ ”همراز“ تيار ڪئي پئي وڃي جنهن جي ذريعي ماڻهو پنهنجي ذهني صحت ??اب?? رهنمائي حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڪل آبادي جو 24 سيڪڙو دماغي صحت جي مسئلن جو شڪار آهي پر لاڳاپيل صحت جي ماهرن ۽ سائيڪاٽرسٽ جو انگ تمام گهٽ آهي جن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ تعليم ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو.