اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بين المذاهب هم ??هنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي معاملن واري خصوصي نمائندي مولانا طاهر اشرفي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ غزه ۾ غاصب صيهوني فوج ??ار??ن معصوم فلسطينين تي جاري نسل ڪشي ۽ ظلمن جي ڀرپور لفظن ۾ مذ??ت ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته عالمي قوتن کي فلسطينين تي جاري ظلم کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ۽ مولانا طاهر اشرفي فلسطينين خاص طور تي غ??ه جي صورتحال جي حوالي سان تمام جلد ٿيندڙ اسلام?? تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي اجلاس جي آجيان ڪئي. مولانا طاهر اشرفي ملڪ ۾ بين المذاهب هم ??هنگي جي فروغ لاءِ حڪومتي قدمن تي نگران وزيراعظم خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم مولانا طاهر اشرفي جي بين المذاهب هم ??هنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.