اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي ترتيب ??اري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته ترقيءَ جو واحد رستو تعليم آهي، هر اداري کي چئلينجز درپيش آهن، جڏهن ته اسان پوري لڳن ۽ محنت سان انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. نگران وفاقي وزير فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جو دؤرو ڪيو ۽ ڊي جي اي?? ڊي اي امجد احمد سان ملاقات ڪئ??. و??اقي وزير چيو ته ترقيءَ جو واحد رستو تعليم آهي، اهڙا ملڪ جيڪي اسان کان ڪيترائي ڏهاڪا پوئتي هئا پر هاڻي بهتر تعليم سبب اسان کان ڪافي اڳتي نڪري ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان اسان جو گهر آهي ۽ اسان کي انهن جا مسئلا اهڙي طرح حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجن جهڙيءَ طرح اسان پنهنجا ذاتي مسئلا حل ڪندا آهيون. هن چيو ته سرڪاري ادارا ملازمن لاءِ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته هو نه صرف پگهار پر رٽائرمينٽ کانپوءِ پينشن به فراهم ڪن ٿا. اڄ جي دؤر ۾ اهڙي سهولت هڪ نعمت آهي. هن چيو ته استادن کي انتظامي عهدن تي فائز ٿيڻ نه گهرجي ۽ صرف استاد جي حيثيت سان پنهنجي فرضن تي توجهه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته استاد جي سڀ کان وڏي اهم ذميواري آهي ۽ ان ذميواريءَ کي پورو ڪرڻ ۾ 100 سيڪڙو ڏيڻ ملڪ لاءِ تمام ضروري آه??. و??اقي وزير کي ڊي جي اي?? ڊي اي امجد احمد بريفنگ ڏن??. و??اقي وزير کي ٻُڌايو ويو ته اي?? ڊي اي کي بجيٽ خسارو درپيش آهي. هن ٻُڌايو ته هلندڙ سال جو خسارو اٽڪل 7 ارب رپيا آه??. و??اقي وزير کي ٻُڌايو ويو ته گ??ريل سال 2839 استادن کي تربيت فراهم ڪئي وئي. اي?? ڊي اي جي 391 اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ان ڊور راندين جون سهولتون قائم ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه گ??ريل سال 17 هزار اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي داخل ڪيو ويو آهي.