لنڊن – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني لنڊن ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس دوران برطان??ي منسٽر آف اسٽيٽ لارڊ طارق احمد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزير ۽ لارڊ طارق احمد پاڪستان ۽ برطانيا جي گڏيل لاڳاپن ??ي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي وزيرن گڏيل لاڳاپن جي موجوده رخ تي اطمينان جو اظهار ڪ??و. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان گڏيل لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق سان گڏوگڏ گڏيل واپار ۾ اضافي، تعليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ موسميا??ي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي غور ڪ??و ويو. ٻنهي وزيرن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ اداراجاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني ۽ لارڊ طارق احمد برطانيا ۾ موجود پاڪستاني ڪميونٽي جي ٻنهي ملڪن جي لاءِ خدمتن کي سا??اهيو.