گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن عنصرن جي وقت??ئت?? نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سمورن شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گلگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم کي آءِ ٽي، صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن خاص طور تي ديامر ۽ استور جي ض??عن ۾ تعليم جي شعبي جي ڪيترن ئي مسئلن جي وقت??ئت?? نشاندهي ۽ موثر حل ڪيا ويا آهن، تعليمي شعبي ۾ کنيل قدمن ۾ شاگردن کي غذائي فراهمي جي پروگرام، تعليمي عمارتن جي نئين سر تعمير ۽ خراب حال عمارتن جي بحالي، استادن جي پيشيواراڻي تربيت، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل سمارٽ اسڪولن جي تعمير وغيره سرفهرست آهن. ان کانسواءِ نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ گلگت بلتستان ۾ صحت جي شعبي ۾ کنيل مثبت قدمن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان ۾ نفسياتي مرضن جي وڌندڙ رجحان جي خاتمي لاءِ 24 ڪلاڪ فعال رهندڙ هيلپ لائين قائم ڪئي وئي آهي. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم کي ماحولياتي ۽ سياحتي شعبن ۾ کنيل مثبت قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ نگران وزيراعظم کي گلگت بلتستان ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ ۽ ان جي پيداوار تي سبسڊي جي فراهمي، گلگت بلتستان ۾ پن بجلي جي پيداوار جي حقيقي صلاحيت ۽ ??وج??ده پيداوار ۽ بجيٽ جي صورتحال تي پڻ بريف ڪيو ويو. نگران وزيراعظم گلگت بلتستان انتظاميا ۽ سياسي قيادت کي سمورن ??وج??ده ترقياتي منصوبن جي افاديت جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم کي گلگت بلتستان ۾ قانون ۽ انصاف ۽ امن امان جي ??وج??ده صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن ماڻهن جي وقت??ئت?? نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سمورن شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. اجلاس ۾ نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو گورنر سيد مهدي شاهه، گلگت بلتستان جو وڏو وزير گلبر خان، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان، آءِ جي گلگت بلتستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر شامل هئا.