اسلام آباد -27 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي، ته بلوچستان ٻن پاڙيسري ملڪن ۽ گوادر بندرگاهه سبب واپار لاءِ نهايت فائديمند علائقو آهي، بلوچستان ۾ صنعتي انقلاب جي شروعات لا??ِ ڀرپور ڪو??شون ڪيون وينديون. اهڙو اظهار هن ڪو??يٽا ۾ ڪو??يٽا چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ اهم ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان نه صرف پاڪستان ۾ ايراضي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو آهي پر ٻن پاڙيسري ملڪن ۽ گوادر بندرگاهه سبب پڻ واپار لاءِ نهايت بهترين علائقو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ معدنيات جا ڪيترائي ذخيرا ۽ وڏي پئماني تي زر??ي ايراضي هئڻ سبب صنعتن جو مرڪز هجڻ گهرجي. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي مختصر وقت م ڀرپور ڪو??ش ڪندي ته بلوچستان ۾ صنعتي انقلاب جي شروعات ٿئي. هن چيو ته تازو ??ي قائم خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل مان بلوچستان کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائڻ جي ڪو??ش ڪئي ويندي.وفد وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ڪاروباري برادري کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو.