اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)نگر??ن وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ جي مشڪل معاشي صورتحال باوجود بلوچستان ۾ آبپاشي جي منصوبن جي تعمير ۾ هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ آبپاشي ۽ واٽر سپلائي جي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي بلوچستان ۾ آبپاشي جي جاري منصوبن جن ۾ ڪچين ڍنڍن، پٽ فيڊر ڍنڍ، آوران ڊيم، گشڪور ڊيم، ونڊر ڊيم ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن انهن تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ زراعت جا وڏا موقعا موجود آهن جن مان مڪمل طور تي فائدو ناهي کنيو ويو. هن چيو ته بلوچستان ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته آبپاشي معاملي تي بي?? الصوبائي خدشن کي جلد ختم ڪيو ويندو ته جيئن ملڪي ترقي جو ڦيٿو تيزي سان هلي سگهي ۽ وفاق مضبوط ٿئي. اجلاس ۾ نگر??ن وفاقي وزيرن سميت بلوچستان جي نگر??ن وڏي وزير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.