اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سينيٽر مولانا عبدالغ??ور حيدري جي قيادت ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي 14 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خ??اهشن جو اظهار ڪيو. وفد جي بٽگرام سان تعلق رکندڙ اڳواڻن چيئر لفٽ واقعي ۾ لاڳاپيل عملدارن جي موثر ۽ وقت سر ڪارروائي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ سمورين چيئر لفٽس جي سخت جا?? ۽ حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.