اسلا?? آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي آب??دي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، راندين جون سرگرميون نوجوانن کي مثبت طريقي سان پنهنجون توانائيون استعمال ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿيون، حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا، حڪومت پاڪستان ۾ اسپورٽس جي ترقي ۽ راندين جي فروغ لاءِ قومي پروگرام جي شروعات ڪئي، حڪومت اسلا?? آباد ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو، اولمپڪ وليج قومي منصوبو آهي، اولمپڪ وليج جي تع??ير جي لاءِ ڪارپوريٽ اسٽرڪچر ٺاهيو وڃي ۽ ان جي تع??ير جي نگراني ماهر ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلا?? آباد ۾ اولمپڪس وليج جي تع??ير تي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، انجم عقيل، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلا?? آباد ۾ مارگلا جي دامن ۾ 1200 ڪينال تي اولمپڪس وليج تع??ير ڪيو ويندو. اولمپڪس وليج ۾ عالمي معيار جي راندين جون سهولتون جن ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمي، عاليم ڪرڪيٽ اسٽي??يم?? هاڪي گرائونڊ، ٽينٽ پيگنگ، ايٿليٽڪس اسٽي??يم?? ان ڊور اسپورٽس، انٽرنيشنل هوٽل ۽ پارڪنگ سان گڏوگڏ ٻيون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اولمپڪس وليج جي تع??ير جي لاءِ 3 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. وزيراعظم اولمپڪس وليج جي تع??ير ۾ شفافيت جي عنصر کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.