اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شهداءِ ڪشمير ڏهاڙي تي پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي ۽ 1931ع ۾ ان ڏينهن پنهنجون جا??يو?? قربان ڪ??دڙن کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انهن شهيدن شهادت کي گلي لڳائڻ کي ??ون??يو پر ڊوگره راج جي ڏاڍ آڏو هار مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته قرباني جو جذبو ڪشميرين جي ڊي اين اي ۾ سرايت ڪري چڪو آهي، جيتوڻيڪ ظالم بدلجي چڪو آهي پر ڪشميرين جي انهن سان مخالفت اٽل رهي آهي. هن چيو ته اهو انهن جي تقدير ۽ پنهنج?? مقصد جي حق تي پختو يقين آهي جيڪي اونداهي ۾ به رستي کي روشن ڪ??دا رهن ٿا.