اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ?? ٽائر?? جي صنعت ۾ چيني ڪمپني جي پاڪستاني ڪمپني سان جوائنٽ وينچر جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر قسم جي مدد ف??اه?? ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سروس لانگ مارچ ٽائرز ۽ چائيويانگ لانگ مارچ ٽائرز جي وفد چيئرمين لي چنگوي?? جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. خصوص?? صلاحڪار طارق پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار به ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم وفد جي پاڪستان ?? ٽائر?? جي صنعت ۾ ناليواري پاڪستاني ڪمپني سان جوائنٽ وينچر جي ذريعي سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چيني ڪمپني جي سيڙپڪاري سان قائم پلانٽ سان پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٽائر عالمي منڊين ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. ڪمپني جي پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٽائرن هڪ سال جي گهٽ وقت ۾ عالمي منڊين ۾ پنهنجي جڳهه ٺ??هي آهي. ڪمپني پاڪستان ?? ٽائر?? جي پيداوار کي وڌائي سالياني روانگي واپار کي 200 ملين ڊالر تائين کڻي ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ?? ٽائر?? جي صنعت جي بهتري لاءِ هر قسم جي مدد ف??اه?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي ٽائر?? جي اسمگلنگ کي روڪڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽائر ۽ اسپيئر پارٽس جي اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ جامع پاليسي جلد پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، چين پاڪستا?? جي هر مشڪل وقت ۾ ڀائرن وانگر مدد ڪئي. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ هر قسم جي مدد ف??اه?? ڪندو.