اسلا?? آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته سڄي ملڪ جي پريس ڪلبن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات وا??ي وزارت پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي. اها ڳالهه هن ايبٽ آباد پريس ڪلب جي صدر راجا هارون ۽ جنرل سيڪريٽري راجا منير جي قيادت ۾ صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳ??له??ئيندي ڪئي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن وارو وفاقي وز??ر مرتضيٰ جاويد عباسي به موجود هو. وفد اطلاعات وا??ي وفاقي وزير کي درپيش مشڪلاتن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڳ??له??ئيندي اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ايبٽ آباد پريس ڪلب جو ڳاڻيٽو ملڪ جي اهم ۽ ذميوار پريس ڪلبن ۾ ٿئي ٿو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير ايبٽ آباد پريس ڪلب ۾ فوري طور تي ڪمپيوٽر ليب ۽ اسٽوڊيو قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايبٽ آباد پريس ڪلب جي اعلان ڪيل گرانٽ پڻ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته صحافين جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن وا??ي وفاقي وز??ر مرتضيٰ جاويد عباسي ايبٽ آباد پريس ڪلب جي لاءِ ڪمپيوٽر ليب، اسٽوڊيو قائم ڪرڻ ۽ گرانٽ جي فراهمي جي اعلان تي اطلاعات وا??ي وفاقي وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ته ايبٽ آباد جي صحافي برادري محدود وسيلن جي باوجود پنهنجي پيشيواراڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. صحافين جي وفد اطلاعات وا??ي وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب ۽ پارلياماني معاملن وا??ي وفاقي وز??ر مرتضيٰ جاويد عباسي جا ٿورا مڃيا.