اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ ??يئ??مين عمران خان کي چئلينج ڪيو آهي ته هو عدالت وڃي جنهن جنهن کان خطرو آهي ثبوت ڏي نه ته پ??هنجو وات بند رکي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فارن ايجنٽ ٻهروپيو آهي جيڪو حالتن موجب اسڪرپٽ ۽ شڪل ٺاهي وٺي ٿو، گرفتاري جي ڊپ ۾ ورتل کٽ جي هيٺ ۽ ضمانت خارج ٿيڻ جي ڊپ کان وهيل ??يئ?? جو ڊرامو رچائي ٿو. هن چيو ته فارن ايجنٽ جي پيرن تي دٻاءُ نه آهي، ان جي دماغ تي سازشي دٻاءُ آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وهيل ??يئ?? تي ويهي الزام هڻڻ بدران هو عدالت وڃي ثبوت پيش ڪري ته ان جي حياتي کي ڪنهن ڪنهن کان خطرو آهي. هن چيو ته عمران خان کي خطرو هاڻي رڳو فارن فنڊنگ، توشه خانه، ٽيريان ڪيس کان آهي ان لاءِ گولي، پلستر، دٻي، وهيل ??يئ?? ۽ اليڪشن جو بهانو بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان کي جڏهن به عدالت گهرائي ٿي ته هو گولي، پلستر، معذوري، بالٽي دٻي جو بهانو بڻائي ٿو ۽ هاڻي وهيل ??يئ?? جو ڊرامو رچائي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان اڳ ۾ ئي پنهنجي حڪومت هٽائڻ جو ملبو آمريڪا تي و??و، سائفر جي ڊرٽي راند کيڏي، بعد ۾ آمريڪا کان معافي وٺي جنرل باجوه، پوءِ آصف علي زرداري ۽ پوءِ محسن نقوي تي ملبو وجهي ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان چار سال جي ناڪامين ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ جو ملبو جنرل باجوه تي و??و، شهيدن، ادارن ۽ ان جي قيادت جي خلاف اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ غليظ مهم هلائڻ وارو ٻيهر الزام بازي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان قوم کي گهرن مان ڪڍڻ کان اڳ پاڻ ته گهر کان ٻاهر نڪر??. ا?? ۾ ڪاري بالٽي مان منهن ٻاهر ڪڍڻ جو اعلان ڪري، پوءِ قوم کي ٻاهر نڪرڻ جو اعلان ڪري. هن چيو ته چيف جسٽس جي تصوير تي جوتا هڻڻ جي لاءِ پڻ نڪرڻ جي ڪال عمران خان ڏني هئي.