اسلام آباد – 31 – ??ئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بي??اروس سان اقتصادي، زرعي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائ?? جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان بي??اروس سان پنهنجي خوشگوار ۽ گهڻ رخي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس جي پري?? ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان لاهور ۾ بي??اروس جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف بي??اروس جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ وزيراعظم کي صدر لوڪا شينڪو جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو جنهن ۾ چيو ويو ته بي??اروس پاڪستان کي خطي جو هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. وزيراعظم بي??اروس جي پرڏيهي وزير کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. پاڪستان ۽ بي??اروس جي 2024ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿي?? جي 30 هين سالگرهه جي ڏس ۾ وزيراعظم مسلسل اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ ٻين سرگرمين جي آجيان ڪئي. ان سلسلي ۾ هن بي??اروس جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪر?? جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.