پشاور – 15 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي صوابي ۾ راشد ميموريل ويلفيئر آرگنائيزيشن جو افتتاح ڪري ڇڏ??و. ??ن صوابي جي علائقي عالم آباد ۾ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پٺتي پيل علائقن ۾ اهڙي طرح جي آرگنائيزيشنز ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنديون. هن چيو ته عورتن جي تعليم ان??هائي ضروري آهي عورتون پڙهنديون ته نئين نسل کي ماءُ جي هنج مان تعليم سان ليس ڪندي، هتي هزارين ٻارن جي لاءِ تعليم جا دروازا کلي رهيا آهن، اسٽريٽ چلڊرنز کي به تعليم ڏيڻ گهرجي، ان جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ اڃا به تعليم جي شرح تمام گهٽ آهي، عمارت مان تعليم حاصل نه ٿي ٿي سگهي ٽيچرز سٺا ۽ محنتي هجڻ گهرجن. خاتون اول چيو ته راشد ميموريل کي وڌيڪ ڳوٺاڻن علائقن تائين سگهه ڏيڻ گهرجي، عورتن کي تعليمي ۽ مالياتي لحاظ کان خودمختيار هجڻ گهرجي ۽ انهن کي تعليم سان ??ڏ هنر به سيکارڻ تي ڌيان ??يڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ٽيچرز جي تربيت تمام ضروري آهي ته جيئن اهي اڳتي ٻا??ن کي بهتر طور تي پڙهائي سگهن، ان سان ??ڏوگڏ استادن جي عزت به تمام ضروري آهي. هن چيو ته راشد ميموريل آرگنائيزيشن ٻارن جي تعليم سان ??ڏوگڏ ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن کي صحت جون بهتر سهولتون پڻ فراهم ڪري رهي آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته صوابي جي مقامي ڪميونٽي کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي ته اها راشد ميموريل ويلفيئر آرگنائيزيسن جو ساٿ ڏين ته جيئن اهي توهان جي ٻا??ن کي تعليم جي زيور سان ليس ۽ انهن جي بهتر صحت ۾ توهان جي مدد ڪري. هن چيو ته اسان ??ي گڏجي هن ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان به ترقي ڪريون ۽ اسان جو ملڪ به ترقي جون منزلون ط??ي ڪري.