اسلام آباد ??? 17 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي انڊونيشيا جي صدر ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي انڊونيشيا ۾ پاڪستاني سيڙپڪار جي مع??ملي تي جلد اڳڀرائي جي لاءِ انڊونيشيا جي صدر کي ذاتي ڌيان جي درخواست ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي انڊونيشيا جي صدر جي نالي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا ويجها دوست، اسلامي تعاون تنظيم جي ڏس ۾ ٻطرفا حصيدار آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن ??عاشي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ، واپارين کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. صدر انڊونيشيا جي صدر کي انڊونيشيا ۾ پاڪستاني سيڙپڪار ملڪ محمد آصف کي ڪاروباري مع??ملن ۾ مشڪلاتون پيش اچڻ تي مدد فراهم ڪرڻ جو چيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ محمد آصف انڊونيشيا جي عملدارن کي پاڪستاني سفارتخاني جي ذريعي پنهنجون شڪايتون جمع ڪرائي چڪو آهي جڏهن ته مع??ملو اڃا حل طلب آهي. ان کان اڳ ملڪ محمد آصف صدر کي انڊونيشيا جي صدر جو ڌيان ڇڪرائڻ ۽ منصفاڻي بنيادن تي مع??ملو حل ڪرائڻ جي لاءِ درخواست ڪئي هئي.