اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ فٽبال جي فروغ لاءِ عالمي ??عيارن کي اختيار ڪرڻ ۽ رانديگرن جي هر سطح تي ڀرپور حوصلا افزائي ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان حوالي سان عالمي حصيدارن سان رابطو وڌائڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان فٽبال فيڊريسن جي لاءِ فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي کي ملڪ ۾ فٽبال جي معاملن بابت مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ پاڪستان جي مردن ۽ عورتن جي قومي ??ٽبال ٽيمن جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات دوران فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي جو چيئرمين هارون احمد ملڪ ۽ ڪميٽي جا ميمبر پڻ موجود هئا. صدر رانديگرن جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪست??ن ۾ فٽبال ڪافي مقبول آهي ۽ ملڪ ۾ ان راند جا لکين شائقين آهن، فٽبال کي ضلعي ۽ ڪلب جي سطح تي فروغ ڏنو وڃي. هن رانديگرن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي سان پنهنجو ملڪ جو وقار بلند ڪرڻ ۽ تشخص کي بهت?? بڻائڻ جي لاء?? ڪم ڪن ڇو ته اهي راندين جي ميد??ن ۾ پاڪستان جا سفير آهن. هن وڌيڪ چيو ته کيس رانديگرن مان تمام گهڻيون اميدون آهن ته اهي علائقائي ۽ عالمي ??قابلن ۾ پنهنجي ملڪ جي قيادت ڪندا. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان فٽبال فيڊريسن (پي ايف ايف) جي اندروني سياست ان جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي جي مدد سان پي ايف ايف جي ڪارڪردگي ۾ واضح بهتري ايندي. فيفا جي مقرر ڪيل نارملائيزيشن ڪميٽي جي چيئرمين هارون احمد ملڪ صدر کي بريفنگ ڏني ته پاڪست??ن ۾ 70 لک کان وڌيڪ ماڻهو فٽبال کيڏن ٿا، فيڊريسن جي انتظام کي بهت?? بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن ٻڌايو ته عورتن جي قومي ??يم 8 سالن کانپوءِ ۽ مردن جي قومي ??يم 4 سالن کانپوءِ پنهنجو پهريون عالمي ??ئچ کيڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين ملڪ جي 163 ضلعن مان اٽڪل 4600 ڪلب رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن ۽ دستاويز ۽ فزيڪل اسڪروٽني جو عمل مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مردن جي ٽيم 2026ع فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ شرڪت ڪندي جڏهن ته عورتن جي قومي ??يم هن سال پيرس 2024ع جي اولمپڪس ڪواليفائرز ۾ کيڏندي.