اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ورڪنگ جرنلسٽ جي سيفٽي، ٽريننگ سميت انهن جا درپيش مسئلا حل ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل مر?? پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافين جي گروپ انشورنس جي لاء?? عملي قدم کڻي رهيا آهيون. ان کان اڳ صحافين جي پگهارن جي ادائيگي جي حوالي سان اهم ترميمون آنديون پيون وڃن. اط??اعات واري وفاقي وزير مر?? پريس ڪلب جي وفد جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا. ان موقعي تي هن چيو ته صحافين جي مسئلن کان آگاهه آهيون، ان جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. ملاقات ۾ مري جي سياحتي اهميت پريس ڪلب ۽ صحافين جي درپيش مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وفد ۾ مر?? پريس ڪلب جي صدر عبدالحميد عباسي، چيئرمين شفقت عباسي، جنرل سيڪريٽري ياسر عباسي ۽ س??نيئر ميمبر اويس الحق ۽ ابوذر عباسي شامل هئا.