انقره – 17 – فيبروري (اي پ?? پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي زلزلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شهر آديامان جو دورو ڪيو آديامان پهچڻ تي وزيرا??ظم جو واپار واري وزير مهمت موش، ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير عادل ڪريس ميلو اوغلو، آديامان جي گورنر ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن استقبال ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪ پارليامينٽ ۾ پاڪستان – ترڪي فرينڊشپ گروپ جي چيئرپرسن علي ساهين وزيرا??ظم سان گڏ انقره ۾ آديامان پهتا. وزيرا??ظم سرديءَ جي موسم جي خيمن جي امدادي کيپ ترڪ عملدارن جي حوالي ڪئي جيڪا پاڪستان مان سي 130 جهاز ذريعي پ??تي. تقريب کانپوءِ ترڪ ڊيزاسٽر ريليف اٿارٽي (اي ايف اي ڊي) پاران جاري بچاءُ ۽ امدادي سر??رمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيرا??ظم چيو ته سمورين رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ ۽ سمورن چئلينجن کي شڪست ڏيڻ جي روايتي ترڪ جذبي سان ترڪ قوم ان قدرتي آفتن مان اڳ کان وڌيڪ مضبوط نڪرندي. هن چيو ته ترڪيه سدائين پاڪستان کي پاڻ سان گڏ ڏسندو. بعد ۾ وزيرا??ظم آديامان شهر جي زلزلي متاثر مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ پاڪستاني سر?? اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي علائقي ۾ سر?? ۽ بچاءُ جي ڪاررواين ۾ مصروف آهن. وزيرا??ظم انهن جي جذبي ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو. ان موقعي تي وزيرا??ظم زلزلي متاثرين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ترڪيه جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط ۽ پرعزم حمايت سان گڏوگڏ پاڪستاني ريسڪيو ٽيمن پاران جانيون بچائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ تي انهن جا ٿورا مڃيا.