اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته دهشتگردي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ڪندي ۽ ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو و??ندو، ملڪي مفادن ۾ اسان سڀني کي گڏج??و پوندو، 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ عمران خان کي به دعوت ڏني آهي. وزيراعظم پنهنجي مختلف ٽوئيٽس ۾ چيو ??ه ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سول ۽ ملٽري قيادت پاڪستان جي عوام جي جان ۽ مال جي هر قيمت تي تحفظ جو وچن ورجايو ??هي. هن چيو ??ه جيڪي به معصوم ماڻهن تي حملا ڪن ٿا انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو و??ندو ۽ ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي کي ٻيهر ڪَر کڻڻ نه ڏنو و??ندو. هن چيو ??ه گڏجاڻي ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي تي غور ويچار ڪيو و??و ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو و??و ته وفاق ۽ صوبا هڪ ئي پاليسي اختيار ڪندا. جڏهن ته نيسنل ايڪشن پلان تي به غور ويچار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو و??و. جڏهن ته جاچ فرانزڪ ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي سگهارو بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ??ه ميڊي?? مذهبي عالم ۽ سياسي اڳواڻ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ماڻهن ۾ عوامي راءِ جوڙين. هن چيو ??ه دهشتگردي جي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ڪندي. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو و??و ته فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ اداراتي مڪينزم ٺاهيو و??ندو. جڏهن ته وزيراعظم ان کانسواءِ چيو ??ه مون ملڪي مفادن جي لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو سوچيو ??هي ان جي لاءِ 7 فيبروري تي اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي آهي جنهن ۾ مون عمران خان کي پڻ دعوت ڏني آهي ڇو ته ملڪي مفادن جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ويه??و پوندو ۽ پنهنجا ذاتي اختلاف وسارڻا پوندا.