تاشقند – 24 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون تنظيم جي اي سي او ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ جي پڌرنامي جي معاهدي تي صحي??ون ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب تاشقند ۾ اي سي او جي وزارتي ڪائونسل جي 26 هين اجلاس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ اي سي او ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ جي پڌرنامي جي معاهدي تي صحي??ون ڪيون. اهو مرڪز اي سي او جي مي??بر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي معاملن تي مهارت ?? تحقيق جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيندو ۽ موقعا فراهم ڪندو.