اسلام آباد– 10 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر سان ايراني صدر جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي حسن ڪاظمي غومي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ مملڪت?? وزير پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ل??ءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گهرا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ يڪجهتي جي مضبوط رشن جو بنياد آهن. هن افغانستان کي درپيش ڪيترن ئي ڏکين چئلينجن جو ذڪر ڪندي افغان عوام جي مسلسل ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻ??ئڻ جي ل??ءِ عبوري افغان حڪومت سان عالمي برادري جي مستقل شموليت جي اهميت کي ورجايو. مملڪت?? وزير افغانستان جو دوست ۽ پاڙيسري هجڻ ناطي ان مقصد جي ل??ءِ پاڪستان ۽ ايران جي اهم ڪردار جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. ان کان اڳ ايراني خصوصي نمائندي پنهنجي پاڪستاني هم منصب وزيراعظم جي خصوصي معاون م??مد صادق سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ ترقي جي گڏيل مضبوط هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي ل??ءِ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ تي اتفاق ڪيو.