اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ ??حص??لن واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٻوڏ ??تاثر ماڻهن جي امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. هن اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ۾ چئي. اجلاس ?? اطلاعات وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايف بي آر چيئرمين، ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ بحالي جي ڪمن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير ناڻي واري وزير کي غير معمولي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن ۽ ٻوڏ ??تاثر علائقن ۾ جاري امدادي ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه ڪيو، ناڻي واري وزير ٻوڏ جي تباهڪارين سبب پيدا ٿيل هن مشڪل گهڙي ۾ وفاقي حڪومت ، سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن ٻوڏ ??تاثر ماڻهن جي رليف، بحالي ۽ صوبي جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي.