گڏيل قومون – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديليون س??ي دنيا جو گڏيل مسئلو آهن، پاڪستان ۾ هن وقت ٻوڏ سبب هيلٿ ڊيزاسٽر آهي، سرديءَ اچڻ واري آهي، ٻوڏ متاثرين کي دوائون، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ چادرن وغيره جي سخت ضرورت آهي، جيڪي ماڻهو ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا اهي پنهنجي مرضي سان پاڻ اين ڊي ايم اي ۽ سول سوسائٽين جي ذريعي به مدد ڪري سگهن ٿا. گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ لابي ۾اطلاعات ۽ نشريات وار?? وزارت جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۾ ٻوڏ، موسمياتي تبديلي“ جي موضوع تي ٿيندڙ تصويري نمائش جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيتريون ئي عورتون اميد سان آهن، هن وقت اتي ٻارن جي کير، ٻارن جي خوراڪ سميت ٻين شين جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته وزيراعظم سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خيمن جي ورڇ جي حوالي ??ان هدايتون جاري ڪيون هيون. انهن علائقن ۾ متاثرين جي ضرورت موجب خيما ورهايا پيا وڃن. هن چيو ته اين ڊي ايم اي روزاني جي بنيا?? تي عوام کي پنهنجي ڊيٽا فراهم ڪري ٿي ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن جڳهه تي ڪهڙي شيءَ جي ضرورت آهي. اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آنديون پيون وڃن. گذريل ڏينهن وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي حوالي ??ان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ خبر پئي ته پيناڊول ۽ پيراسيٽا??ول جي گهٽتائي آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري پکڙجندڙ بيمارين ۽ ڊينگي جي ڪري پيناڊول ۽ پيراسيٽا??ول جي کپت ۾ اضافو ٿيو آهي. انهن دوائن جي ڊيمانڊ وڌيڪ ۽ پيداوار گهٽ آهي. جڏهن ته پيداواري لاڳت وڌيڪ آهي. هن چيو ته وزيراعظم واضح طور تي هدايت ڪئي آهي ته انهن دوائن جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪيو وڃي. وزيراعظم ناڻي وار?? وزارت کي انهن دوائن تي سبسڊي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته جيڪي اين جي اوز بند آهن انهن جي اسڪريننگ جو پراسيس گهرو وزارت شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هن وقت اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. جنهن ک?? وزيراعظم به ساراهيو آهي. جڏهن ته عوامي سطح تي به انهن کي ساراهيو پيو وڃي. هن چيو ته س??ي دنيا ۾ سول سوسائٽي جو هڪ ڪردار آهي، جڏهن حڪومتي ڪوششن ۾ اهو ڪردار شامل ٿئي ٿو ته ڪنهن به ڊيزاسٽر کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت جو هن وقت ڌيان ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ??ي آهي. گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي ??ان وزيراعظم عالمي سطح تي آواز اٿاريو آهي، جيڪو س??ي دنيا جو گڏيل مسئلو آهي.