اسلام آ??اد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته فيڪ نيوز جمهوريت جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، ??نهنجي ڪوتاهين جي باوجود جمهوريت اڃا به دنيا جو بهترين نظام آهي، ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين ڀارت جو جمهوري چهرو بي نقاب ڪر?? ڇڏيو آهي، عالمي پارليا??ان?? يونين موسمياتي تبديلي بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? ۽ عالمي گرمي پد جي ڪر?? موسمياتي بحران کي منهن ڏيندڙ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ عالمي تعاون ۾ اضافي جي لاءِ مدد ڪر??. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي بين الپارليا??ان?? يونين جي صدر دوراتي پشيگو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، ??ومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اقتصادي معاملن واري ڊويزن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي ۽ رومينه خورشيد عالم پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلي دنيا کي درپيش سڀ کان مضبوط چئلينجز مان هڪ آهي، ??وسمياتي تبديلي اسان جي وقت جي زندهه حقيقت آهي، ??اڪستان کي ٻوڏ سان جنهن تباهي کي منهن ڏيڻو پيو آه?? اهو موسمياتي تبديلي جي ڪر?? آهي. هن چيو ته معاشي بحران پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ جي پاڪستان جي صلاحيت کي ڪمزور ڪر?? ڇڏيو آهي. هن عالمي برادري کي چيو ته اها اڳتي وڌي ۽ هن آفت سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪر??. وزيراعظم بين الپارليا??ان?? يونين کي چيو ته هو موسمياتي تبديلي بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? ۽ عالمي گرمي پد جي ڪر?? موسمياتي بحران کي منهن ڏيندڙ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ ۾ مدد ڪر??. هن چيو ته دنيا کي هن خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موسمياتي انصاف جي پيروي ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ڪوتاهين جي باوجود جمهوريت اڃا به دنيا جو بهترين نظام آهي جيڪو ماڻهن جي امنگن کي پورو ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي. هن فيڪ نيوز کي جمهوريت کي درپيش وڏن چئلينجن مان هڪ قرار ڏنو. وزيراعظم ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين خلاف ورزين خاص طور تي ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين ڀارت جو نام نهاد جمهوري چهرو بي نقاب ڪر?? ڇڏيو آهي. بين الپارليا??ان?? يونين جي صدر تازي ٻوڏ دوران قيمتي انساني جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ سڄي ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ وڏي پئ??ان?? تي نقصان تي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪيو. هن موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ ترقي يافته ملڪن تي زور ڏنو ته اهي ڪاربن جي اخراج کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهين. هن پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ ريجن جي ٽئين آءِ پي يو ريجنل سيمينار منعقد ڪرڻ تي پاڪستان جي قومي اسيمبلي کي ساراهيو. هن چيو ته هن تقريب سان ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ علائقائي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.