اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيدمي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”ج??لي خبرن جو رجحان“ جي حوالي سان خصوصي مڪالمو منعقد ڪيو ويو. ميڊيا ماهر مسرور گيلاني ج??لي خبرن جي منفي رجحان تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن سان ميڊيا جي مختلف شعبن، تربيتي ادارن سان گڏوگڏ سرڪاري آفيسرن جي وڏي انگ فائدو کنيو. مسرور گيلاني ج??لي خبرن جي وجود بابت تفصيلي ڳالهائيندي غلط معلومات، غلط اطلاعات ۽ ج??لي خبرن جي تعريف جي وضاحت ڪئي ۽ ان مسئلي کي ان جي صحيح ڏس ۾ سمجهڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن ج??لي خبرن جي رجحان کي نفسياتي، مالي ۽ سياسي محرڪات سان ڳنڍيو. هن چيو ته جديد ۽ ضروري اوزارن سان ليس خابرو ادارن ۽ ميڊيا گذريل سالن ۾ ح??يق??ن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار ۽ نظام جوڙيو آهي ته جيئن ح??يق??ن تي ٻڌل خبرن جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. هنFactChecker, FactkCheck.org,Snopes واشنگٽن پوسٽ جي هفتيوار بلاگ، سينٽ پيٽرز برگ ٽائيمز مان PolitiFact.com ۽ PunditFact کي ح??يق??ن جي ڇنڊڇاڻ ڪندڙ ادارن طور حوالو ڏنو. هن چيو ته اي ايف پي، اي پي، رائٽرز، بي بي سي ۽ ٻيا خابرو اد??را باقاعدگي سان فيڪٽ چيڪ رپورٽس شايع ڪن ٿا. اهڙي طرح پاڪستاني اخبارون دي نيوز، ڊيلي ڊا??، ايڪسپريس ٽربيون، ڊيلي پاڪستان ۽ ڪجهه ٽيليويزن چينلز به ح??يق??ن جي ڇنڊڇاڻ ڪري رپورٽون شايع ڪن ٿا يا انهن جي ويب سائيٽس تي ح??يق??ن جي ڇنڊڇاڻ جو سيڪشن هوندو آهي. هن چيو ته تربيت هيٺ آفيسر انهن رپورٽس جو مطالعو ۽ انهن مان فائدو کڻي سگهن ٿا ته جيئن خبرن جي جائزي بابت انهن جي علم ۾ اضافو ٿي سگهي. بعد ۾ سوال ۽ جواب جو سيشن ٿيو جنهن دوران مسرور گيلاني سوشل ميڊيا تي رپورٽس ۽ تصويري مواد جي ح??يق?? جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽولز جي وضاحت ڪئي. سيشن جي پڄاڻي تي ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي مهمان مقرر ۽ ٻين تربيتي ادارن جي شرڪت ڪندڙن کي سووينئرز پيش ڪيا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف ذيلي ادارن جي سينيئر آفيسرن به خصوصي مڪالمي ۾ شرڪت ڪئي.