لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي والا??يل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن لاءِ آواز ا??ارڻ گهرجي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري بيان ۾ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته ڀارت پاران ڪشمير جي مسلمانن کي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اسان کي هر پ??يٽ فارم تي ڪشمير جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻو آهي. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين عوام کي اپيل ڪئي ته اسان سڀني کي گڏجي ڪشمير ۽ ڀارت جي مسلمانن جي حقن جي لاءِ آواز ا??ارڻ گهرجي. هن چيو ته گڏيل قومون پنهنجي قراردادن موجب ان مسئلي کي حل ڪري ته جيئن ڪشم??ري آزادي سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن.