اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ترميمي بل بنا صحيحن جي ??اپس ڪري ڇڏيو. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ??وٽنگ جي ??عاملي سان هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان ڳنڍيل رهيو آ??يان ۽ سمورين حڪومتن، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ان جي ??يروي ڪندو رهيو آ??يان، آئون آئين جي ??اسداري ڪندو رهيو آ??يان ۽ مون کي ان ڳالهه جو ادراڪ آهي ته آئين پاڪستان منهنجي ان بل تي صحيحون نه ڪرڻ جي باوجود ان کي قانون جي شڪل ڏئي ڇڏيندو. صدر پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 75 (2) جو حوالو ڏنو جنهن ۾ چيو ويو آ??ي ته صدر جي ??جلس شوريٰ (پارليامينٽ) کي بل واپس ڪرڻ تي مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) گڏيل اجلاس ۾ ان تي ٻيهر غور ڪندي. ۽ جيڪڏهن اهو مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) جي ذريعي ترميم سان گڏ يا ان کانسواءِ اڪثريت جي ??وٽن سان ٻيهر منظور ڪيو وڃي ٿو، ته ان کي صدر آڏو پيش ڪيو ويندو ۽ صدر 10 ڏينهن جي اندر پنهنجي ??نظوري ڏيندو، ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ ان بل جي ??نظوري تصور ڪئي ويندي. صدر خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته بحيثيت صدر پاڪستان مجلس شوريٰ جي ??نظور ڪيل بل تي صحيحون نه ڪرڻ منهنجي ??اءِ ذاتي طور تي هڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي. ان لاءِ آئون ايندڙ نسلن جي ??اءِ پنهنجا دليل ۽ خيال قلمبند ڪرڻ چاهيان ٿو. سبب ٻڌائيندي صدر چيو ته قانونن جي رجعت پسنداڻي نوعيت، جنهن جي ??ن ان وقت نشاندهي ڪئي هئي جڏهن هن ان بل کي پارليامينٽ ڏانهن واپس موڪليو هو، ان کانسواءِ ان ڳالهه تي پڪو يقين رکان ٿو ته ٽيڪنالاجي خاص طور تي اي وي ايم کي جڏهن موثر طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو ته ان ۾ ڪيترن ئي مسئلن جو حل موجود آهي جيڪي روايتي طريقن ۾ درپيش اچن ٿا. ٽيڪنالاجي سدائين کان تڪراري ۽ چئلينج شده چونڊ عمل ۾ ابهام، اختلاف ۽ الزامن کي گهٽ ڪري سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪنالاجي جو استعمال چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻڻ، چونڊ مرحلي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شرڪت، سياسي اعتماد جي ??ضا قائم ڪرڻ ۽ ورڇ جي عمل کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته هي قدم آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي اسان جي ??يستائين جي اڌوري خواب کي پورو ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته آئون چاهيان ٿو ته پاڪستان مستقبل ۾ تيزي سان ڪاميابي ط??ف وڌي، اڄ جي ??سئلن کي رڳو ماضي جي تجربن جي روشني ۾ ئي حل نه ڪرڻ گهرجي ??ر جديد ۽ نئين سائنسي طريقن کي به استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. مون کي ان ڳالهه جو پورو ادراڪ آهي ته اهو پارليامينٽ جي ??نهي طرفن ۾ اعتمادي سازي جي ??روغ ۽ حصيدارن جي ??سيع تر شموليت کانسواءِ ممڪن نه ٿو ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ائين هيستائين ڇو ناهي ٿيو ۽ راءِ سازن ۽ فيصلا سازن پاران ان عام فهم شيءَ کي نظرانداز ڇو ڪيو ويو، اهو منهنجي ??اءِ معمو رهندو. صدر چيو ته موجوده ۽ مستقبل جي حڪومتن ۽ پارليامينٽن کي ٻن شين جي چونڊ ڪرڻي پوندي، پهرين اها ته ماضي کي اجازت ڏني وڃي هو پاڪستان کي پستي ط??ف وٺي وڃي يا پوءِ ماضي جي تجربن ۽ اڄ جي ??يڪنالاجيز کي استعمال ۾ آڻيندي اسان پاڪستان جي روشن، ترقي پسند ۽ متحرڪ مستقبل جو خواب شرمنده تعبير ڪري سگهون. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جي ڪيترن ئي مشڪل فيصلن کي اسان کي مستقبل ۾ به منهن ڏيڻو پوندو. تاريخ گواهه آهي ته جيڪي قومون صحيح فيصلا ڪن ٿيون اهي ترقي جون منزلون تيزي سان طئي ڪن ٿيون ۽ جيڪي ائين نه ٿيون ڪن اهي م??قعا ضايع ڪن ٿيون جيڪي انهن کي بلندي ۽ ڪاميابي ط??ف وٺي وڃي سگهن.