اسلام آباد ??? 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين جي رهائشگاهه ويو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چوڌري شجاعت حسين وزيراعظم کي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني?? ۽ ??جيٽ بابت تجويزون ڏنيون ۽ چ??و ته اسان سڀني کي گڏجي هن ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻو آهي. وزيراعظم چ??و ته چوڌري شجاعت حسين جون تجويزون تمام عوامي آه?? ۽ ??نهن کي ضرور بجيٽ جو حصو بڻائينداسين. هن چ??و ته توهان جا ٻئي وزير تمام محنتي ۽ دياندار آهن. ملاقات ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير طارق بشير چي??ا، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، پنجاب جو صوبائي وزير ملڪ احمد خان، مسلم ليگ (ق) جو مرڪزي اڳوا?? چوڌري شافع حسين ۽ (ق) ليگ جي ايم اين اي فرح خان پڻ موجود هئا.