اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي اقتصادي ۽ عالمي معاشي اڳواڻن س??ن غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي معاشي ماهرن س??ن امن عامه جي بحالي جي موضوع تي غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيدر لينڊ جي ملڪه ميڪسيما سان به ملاقات ڪندو. مملڪتي وزير حنا رباني کر ساڻ?? گڏ هوندي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فن لينڊ جي پرڏيهي وزير پيڪا اولاواها ويستو سان مملڪتي وزير حنا رباني کر سان گڏ ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداي وچ اوڀر کي جاگرافيائي سياست انتشار کان ٻاهر ڪڍڻ جي موضوع تي عالمي اڳواڻن س??ن غير رسمي مڪالمي ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اسٽيڪ هولڊر ڊائيلاگ جي سيشنز ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي.