اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ايف آءِ اي جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آهي ڄاڻايل پٽيشن فوري طور تي واپس ورتي وڃي ٿي جيڪا حڪومتي ??ال??سي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اصول جي خلاف آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم ۽ مون کي ڪجهه دير اڳ خبر پئي ته ايف آءِ اي پيڪا ايڪٽ 2016ع جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته جيئن ايڪٽ جي سيڪشن 20 کي ب??ال ڪيو وڃي. مر??م اورنگزيب چيو ته ڄاڻايل پٽيشن حڪومت جي ??ال??سي ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي اصول جي خلاف آهي، تنهن ڪري ان کي واپس ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم درخواست داخل ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، بدقسمتي سان درخواست داخل ٿيڻ جي خبر اسان تائين په??ڻ ۾ ٿوري دير ٿي ڇو ته اسان ٻنپهرن جي وقت بشام ۾ هئا??ين جتي ڪي موبائيل سنگل نه هئا.