اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪس??ان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لا??اپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملن جي وچ ۾ تعميري را??طا خطي ۾ امن ۽ ترقي کي فروغ ڏيندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر الهان عمر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پ??ڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لا??اپن کي وڌيڪ به??ر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻطرفي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم ۾ به??ري ايندي. صدر چيو ته ڀارت ۾ مودي حڪومت پاران اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي خلاف ظلم ڪيا پيا وڃن، ڀارت مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي ۽ هو انهن جي خلاف انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي. صدر آمريڪي ڪانگريس ميمبر سان ملاقات دوران خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ پ??ڪس??ان جي ڪردار ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پ??ڪس??ان جي قربانين کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته آءِ ٽي پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سڀ کان اهم شعبو آهي ۽ آمريڪي واپاري ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي ڳالهائيندي آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لا??اپن کي وڌيڪ به??ر ۽ مضبوط ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن اسلامو فوبيا جي خلاف پ??ڪس??ان جي ڪردار خاص طور تي ان حوالي سان گڏيل قومن ۾ قرارداد جي منظوري کي ساراهيو.