اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ??هي ته پنجاب اسيمبلي جي پري?? گيلري ۾ جيمرز هڻڻ صحافين کي انهن جي پيشيواراڻي فرضن کان روڪڻ جي ڪوشش آهي، پوڻا چار سالن تائين پي ٽي آءِ ميڊيا تي پابنديون لڳ??يون، سينسرشپ ڪئي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز تي ظلم ڪيو، اڄ هڪ وڏي اليڪشن ٿي رهي ??هي ۽ صحافين کي انهن جي ذميوارين کان روڪڻ جي لاءِ جيمرز لڳ??يا ويا آهن، اسان ان عمل جي مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته پنجاب اسيمبلي جي پري?? گيلري مان جيمرز فوري طور تي هٽ??يا وڃن. پنجاب اسيمبلي ۾ جيمرز لڳ??ئڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب اسيمبلي جي پري?? گيلر ۾ جيمرز لڳ??يا ويا آهن، ملندڙ فوٽيج ميڊيا سان شيئر به ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پوڻا چار سالن تائين ميڊيا تي پابنديون لڳ??يون، سينسرشپ ڪئي، صحافين ۽ ميديا ورڪرز تي ظلم ڪيو ويو، اڄ هڪ وڏي اليڪشن ٿيڻ وڃي رهي ??هي ۽ جيمرز لڳ??ئي ميڊيا کي صحافتي ذميوارين کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ان کان اڳ به جڏهن اها اليڪشن ٿيڻي هئي ان وقت به ميڊيا کي اندر وڃڻ جي اجازت نه هئي. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جي پري?? گيلري ۾ جيمرز لڳل هوندا ته ميڊيا ڇا رپورٽ ڪندي؟ هن چيو ته جيمرز لڳ??ئڻ جو مقصد اهو ئي ??هي ته اسيمبلي ۾ جيڪا حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا اها ميڊيا رپورٽ نه ڪري سگهي. هن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پنجاب اسيمبلي جي پري?? گيلر مان جيمرز هٽ??يا وڃن. مريم اورنگزيب چيو ته نالائق چورن جي ٽولي کي جهڙي طرح قومي اسيمبلي مان ٻاهر اڇلايو ويو ??هي اهڙي طرح پنجاب اسيمبلي کان به ٻاهر موڪليو ويندو. هن چيو ته ننڍي ذهنيت واريون حرڪتون بند ٿيڻ گهرجن، جيمرز کي فوري طور تي هٽايو وڃي.