اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پارليامينٽ سپريم ا??ارو آهي، ڪو ادارو پارليامينٽ کان مٿانهون نه آهي، اسان چاهيون ٿا ته آئين موجب چونڊون ٿين، سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي چونڊن جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ گه??جي. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري اپوزيشن آئين شڪن آهي، پارليامينٽ سپريم ا??ارو آهي، ڪو ادارو پارليامينٽ کان مٿانهون نه آهي. هن چيو ته اڃا 20، 20 اوور جو مئچ باقي آهي، اسان چاهيون ٿا ته آئين موجب چونڊون ٿين، سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ان ڏس ۾ حڪمت عملي جوڙڻ گه??جي. هن چيو ته چونڊن جي لاءِ 5 مهينن کان وڌيڪ وقت گه??يو پيو وڃي، ملڪ اهڙي ط??ح نه ٿو هلي سگهي، سياسي عدم ا??تحڪام جي ڪري معيشت به تباهه ٿي رهي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان ??ليڪشن طرف هليا وڃون ته هي بحران ??ي ختم ٿي وڃي. هن چيو ته اپوزيشن جي دوستن سان ??ه اڄ ڳالهه ٿي آهي، هر هڪ ذهني طور تي اليڪشن طرف وڃڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته فوج ۽ عدليه جو ڪم نه آهي ته اهي هر وقت سياستدانن جا مسئلا حل ڪندا وتن، سياستدانن کي پنهنجي پ??رن کان ??ڳتي وڌي سوچڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سياستدان پاڻ ۾ گڏجي ويهن ۽ شفاف چونڊن جو فريم ورڪ طئي ڪن، هي سڄو ڊرامو ختم ٿي ويندو. هن چيو ته اپوزيشن ضمير خريد ڪرڻ جي لاءِ منڊي لڳائي رکي آهي، اهڙي ط??ح خچرن جو بازار لڳائي ڪرائيسز ختم ناهن ٿيندا. مارشل لاء جي حوالي سان ??حافي سوال ڪيو ته ملڪ ۾ مارشل لاء لڳي ويو ته ان ??و ذميوار ڪير هوندو جنهن تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مارشل لاء لڳڻ جا ذميوار بي ضمير ماڻهو هوندا.