اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وا??يس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ جي پويان م??صوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي، عد??يه ان معاملي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اطهار هن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزارت جا عملدار ۽ سفارتڪار ايماندار ۽ سلجهيل آهن، هن چيو ته مخالف ڌر چئي رهي آهي ته بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي آئين شڪني ٿي وئي، اسان کي آئين جو احترام آهي، بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي، ڊپٽي اسپيڪر بي اعتمادي رٿ کان انڪار ناهي ڪيو، هن حقيقتن ??ي بنياد تي رولنگ ڏني، اهو معاملو هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، هن چيو ته ٻي ??لڪ مان م??ڪليل خط اصلي آهي، ابهام پيدا نه ڪيو وڃي، مخالف ڌر پارليماني سلامتي ڪيمٽي ۾ اسپيڪر جي دعوت ??ي باجود ڇو نه آئي، هن چيو ته ٽڪيٽن جا وا??دا ۽ ضمير فروشي جي ڇا آئين اجازت ڏي ٿو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جون ڪڙيون ڪٿي ته ملن ٿيون، ان جي پويان م??صوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين م??ڪ جن ماڻهن سان غير ملڪي سفارتڪار ملندا رهيا آهن انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ان معاملي جي جاچ لاءِ عد??يه جڊيشل ڪميشن جوڙي سگهي ٿي، هن چيو ته ان معاملي تي قومي سلامتي ڪميٽي جو موقف وا??ح آهي.